رهبر ڊائجسٽ

رهبر ڊائجسٽ

رهبر ڊائجسٽ

رهبر ڊائجسٽ: ماهوار رهبر ڊائجسٽ عبدالجبار ’عابد‘ لغاري، سيپٽمبر 1966ع کان اردو ڊائجسٽ ۽ ريڊرس ڊائجسٽ جي انداز ۾ سنڌي زبان ۾ ڪامياب ڊائجسٽ 12 سالن تائين شايع ڪيو. ان جي خاص ڊائجسٽ واري سائيز آخر تائين جاري رهي. پهرئين دور 1966ع کان 1970ع تائين سندس ٻه دوست استاد عبدالله ڦل ۽ حاجي خان پنهور ۽ هڪ سؤٽ نواب غلام مصطفيٰ لغاري معاون رهيا. پهرئين دور ۾ رهبر سيريز جي 14 نمبرن بعد حڪومت سنڌ طرفان ڏنل نوٽيس جي ڪري ان جي ’رهبر پبليڪيشن‘ جي مونوگرام هيٺ مختلف ڪتابن جي نالن سان اشاعت جاري رکي وئي. هن دور ۾ پهريون سالنامو 1967ع، ٻيو سالنامو 1968ع، ٽيون 1969ع ۾ ’ادبي جواهر‘ ۽ ’ادبي خزانو‘ جي نالن سان ضخيم پرچن جي صورت ۾ بيحد مقبول رهيا. هن دور ۾ امر جليل، شوڪت شورو، علي بابا، انور جوکيو، عبدالقادر جوڻيجو، روشن علي تنيو ۽ ڪيترا نوان ڪهاڻيڪار هن رسالي ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ڇپائيندا رهيا، جڏهن ته الطاف شيخ جا سفرناما، انگريزي ناولن جي تلخيص ۽ ترجما، سنڌ جي تاريخ، اسلامي تاريخ ۽ تهذيب ۽ ثقافت تي اهم معلوماتي مضمونَ، شڪاريات، حيرت انگيز ۽ سسپينس بابت ڪيل ترجما ۽ بهترين سنڌي شاعرن جو ڪلام هر پرچي ۾ شامل رهيا. سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، فيض بخشاپوري، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، محسن ڪڪڙائي، امداد حسيني ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر هن ڊائجسٽ ۾ لکندا رهيا. هي سنڌي ادب جو نمائنده ۽ گهڻ رخو رسالو هو، جنهن ۾ اي. ڪي. بروهي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، جي. ايم. سيد، محمد ايوب کهڙي وغيره جا دلچسپ ۽ تاريخي انٽرويو پڻ وڏي اهميت جا حامل رهيا آهن.
رهبر ڊائجسٽ ۾ عاشق حسين احمداڻيءَ جا دنيا جي مختلف تهذيبن تي تاريخي مضمون، مشتاق احمد پٺاڻ جون تاريخي سلسليوار ڪهاڻيون، محمد نواز محزون طرفان خليل جبران جي اهم لکڻين جا ترجما ۽ سنڌي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ، ظفر ڪاظمي ۽ گل محمد کتريءَ ۽ عبدالفتاح هاليپوٽي جا سهڻا سرورق ۽ تصويرون، ڪهاڻين ۽ ناولن تي يادگار ثابت ٿيون. پهرئين سالنامي تي نواب ولي محمد خان جي تصوير پهريون ڀيرو شايع ٿي. هن دور ۾ ڪتابي نالن سان جيڪي رسالا شايع ڪيا ويا، انهن ۾ ’مشرق و مغرب‘، ’روزي جو فلسفو‘ ۽ ٻيا شامل آهن. انهيءَ عرصي ۾ مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جو نالو ڊائجسٽ جي اعزازي سرپرست طور ڇپيو ويندو هو.
رهبر ڊائجسٽ جو ٻيو دور باقاعدي ڊڪلريشن بعد 1972ع کان 1979ع تائين رهيو. هنن رسالن جا سرورق محمد نواز محزون، فتاح هاليپوٽي، ظفر ڪاظميءَ طرفان سنڌ جي مشاهيرن جا عڪس، خاص طور: حسن علي آفندي، مرزا قليچ بيگ، مولانا عبيدالله سنڌي، محمد صديق مسافر، مولوي عبدالڪريم چشتي وغيره جا بيحد مقبول ويا، جڏهن ته انهن جا خاڪا به ڏنا ويا. هن دور ۾ قربان علي بگٽيءَ جي مختلف ڪتابن تي قسطوار ادبي تنقيد ۽ دنيا جي مشهور ڪتابن جي حوالن سان تجزيا ڏنا ويا ۽ ڪميونزم جي تاريخ ۽ اثرات ۽ شخصيتن تي تبصرا ڪيا ويا. هن دور ۾ فيصل ارسلاني (مشتاق پٺاڻ) جون الياس سيتاپوريءَ جي انداز تي قسطوار تاريخي ڪهاڻيون، م. ص. علي (مرزا صفدر علي) جون پهريون ڀيرو ابن صفيءَ جي انداز تي جاسوسي ڪهاڻيون ۽ جلال الدين خان جي قلمي نالي سان طويل قسطوار ڪهاڻيون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، غلام قادر سومري، ڊاڪٽر اياز قادري، معمور يوسفاڻي، محمد سومار شيخ، عزيز جعفراڻيءَ جا مضمون ۽ ٻين ڪيترن ڪهاڻيڪارن حيدر علي حيدري، زيب سنڌي، سليم ڪورائي، امر سنڌي، روشن تنيو وغيره جون ڪهاڻيون شايع ٿيون.
رهبر ڊائجسٽ جو 12 ساله جشن 1978ع ۾ ٻن ڏينهن ۽ پنجن نشستن تي مشتمل بسنت هال حيدرآباد ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ قربان علي بگٽيءَ کي گولڊ ميڊل ۽ سنڌ جي هڪ سئو کان وڌيڪ ليکڪن، اسڪالرن ۽ شاعرن کي ادبي اوارڊ ۽ انعام ڏنا ويا. رهبر ڊائجسٽ جا ٻه خاص نمبر ان جشن ۾ ٿيل تقريرن تي مشتمل شايع ٿيا. هن رسالي جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته ان جا ساليانه ميمبر هڪ هزار کان مٿي رهيا ۽ ان جي اشاعت هر مهيني ٻن هزارن کان مٿي رهي. رسالي جي شروعاتي ڇپائي اسلاميه پريس ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ وٽان ٿي. بعد ۾ انڊس پريس ۽ جمالي پريس مان ٿي.
هن ڊائجسٽ جي خاص نمبرن ۾ ’نانگ نمبر‘ به شامل آهي، جنهن ۾ نانگن جي بادشاهه نواب محمد خان جو عابد لغاريءَ طرفان انٽرويو به شايع ڪيل هو.
1975ع ۾ سنڌي ۽ ڪجهه اردو اخبارن ۽ رسالن مان پهرين 80 ۽ پوءِ 90 رسالن تي حڪومت سنڌ طرفان پابندي لڳائي بند ڪيا ويا، پر ’رهبر ڊائجسٽ‘ اهو پهريون رسالو هو، جنهن پاران هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري هڪ هفتي اندر ’رهبر ڊائجسٽتان پابندي ختم ڪرائي وئي هئي.
هن رسالي جا ايڊيٽوريل راز و نياز ۽ حالات حاضره جي سٺي عڪاسي ڪندا هئا ۽ انهن جا تجزيا بي حد مقبول رهيا. عابد لغاري جيئن ئي 1979ع ۾ ماهنامه ’نئين زندگي‘ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته رهبر ڊائجسٽ جاري رهي نه سگهيو. 1986ع ۾ عابد لغاري ٻه ٽي پرچا وري شايع ڪيا، پر هي سلسلو منقطع ئي رهيو.


لفظ رهبر ڊائجسٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو